پير رکيل ريلائي

پير رکيل ريلائي: پير رکيل ريلائي، پير خان محمد جي گهر ۾ 1830ع ڌاري ڳوٺ درس تعلقي موري ۾ پيدا ٿيو. ريلائي پير، مخدوم رڪن الدين جي اولاد مان آهن، جيڪو ڪوٽ ڪروڙ ۽ ديري جات مان سنڌ ۾ آيو هو. سندس خانداني سلسلو حضرت صديق رضه'>ابوبڪر صديق رضه سان ملي ٿو. پير رکيل ريلائيءَ کي ننڍپڻ کان ئي سير ۽ سياحت جو گهڻو شوق هوندو هو. سنڌ جي گهڻن بزرگن سان سندس رفاقت رهي. سندس ڪيتريون ئي ڪرامتون عام ماڻهن وٽ ملن ٿيون، سندس درگاهه تي 27، 28 ۽ 29 محرم تي ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ هزارين عقيدتمند گڏ ٿيندا آهن. ميلي ۾ ٽئي ڏينهن ملاکڙو لڳندو آهي. درگاهه جي ڀر ۾ڌنراج مل ڪاٺين واري جي کُوهي کڻايل آهي. سندس وفات جو سن 1915ع ٻڌايو وڃي ٿو.


لفظ پير رکيل ريلائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1830.00.00  عيسوي

پير رکيل ريلائي 1830ع ڌاري ڳوٺ درس تعلقي موري ۾ پيدا ٿيو


1915.00.00  عيسوي

پير رکيل ريلائي جي وفات جو سن 1915ع ٻڌايو وڃي ٿو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد مير علي هراتي
سومار خان استاد ننڍو
ادا جعفري
اندر جيت لوهاڻو
زاهد حسين
سيد امداد شاهه ڊڍرائي
سڪندر خان ملڪ
طالب حسين مغل
اسحاق مڱريو
پرسو ڀڳت
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون